شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ ڄاڃين جي بس تي فائرنگ ۾ گهوٽ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب قومي شاهراهه باءِ پاس تي ڄاڃين جي بس تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ، سندس ڀاءُ ۽ ڊرائيور مارجي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.
پوليس ٻڌايو ته ڄڃ شڪارپور کان جيڪب آباد وڃي رهي هئي، واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
You might also like