عمران فاروق کي الطاف حسين قتل ڪرايو، هو ”را“ کان فنڊنگ وٺندو رهيو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال انڪشاف ڪيو آهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق کي ايم ڪيو ايم باني ئي قتل ڪرايو، متحده باني نشي ۾ ڌت ٿي عمران فاروق کي مارڻ جو حڪم ڏنو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم باني هڪ ڊرامي باز ماڻهو آهي، هو لاشن تي آئٽم سانگ ڪندو آهي ۽ پاڻ کي راجا سمجهي ٿو.
هن چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق جي گهرواري جي لاش تي ايم ڪيو ايم باني ناٽڪ شو ڪيو، هن لاش پاڪستان موڪلڻ لاءِ لکين پائونڊ چندو گڏ ڪيو، متحده باني جي سالگرهه تي عمران فاروق کي ماري تحفو ڏنو ويو ۽ لاش لاءِ چندو وٺڻ جي اپيل ڪئي.
سندس چوڻ هو ته متحده باني را کان مالي سهائتا وٺندو رهيو آهي، هن سڄي نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڃا تائين تباهه ڪري رهيو آهي، گذريل 40 ورهين ۾ هو ڪيترن ئي ماڻهن کي ڳڙڪائي ويو آهي ۽ اڃا به اهو سلسلو جاري آهي، عمران فاروق جي ٻارن کي اپيل ڪيان ٿو ته باني سان رابطو نه ڪن.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته مان ٻن سالن کان ايم ڪيو ايم باني تي ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو، هو رڳو ڊرامو ڪري رهيو آهي، وهاڻي هيٺان 5 لک پائونڊ نڪتا، آفيس مان 6 لک پائونڊ مليا پر عمران فاروق جي زال لاءِ وٽس 6 هزار پائونڊ به نه هئا.
وفاقي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم باني مهاجر قوم جو سڀ کان وڏو غدار آهي، مهاجر قوم وڏي بدقسمت آهي، اسان کي ڪهڙو ڏوهاري اڳواڻ مليو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.