لاڙڪاڻو + سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ جو ڊگھي اننگز کيڏڻ جو ارادو آهي.
اياز صادق ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ڳڙهي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي.
ان کان اڳ سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته اسان محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيا آهيون.
28 ترميم جي معاملي تي هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته 28هين ترميم اچي رهي آهي، جڏهن ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڳالهيون چاهي ٿي ته ان کي اسيمبلي اچڻو پوندو.
ان موقعي تي راڻا ثناءُ الله چيو ته ن ليگ سدائين ڪوشش ڪئي ته سياسي جماعتون ڳالهين جي ميز تي اچن، پي ٽي آءِ باني شروع کان سياسي ڳالهين تي يقين نٿو رکي.
You might also like