حمزا سهيل سان شادي؟ سجل علي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا سجل علي، ساٿي اداڪار حمزا سهيل سان شادي بابت افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي سجل علي ۽ حمزا سهيل جي شادي جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي اداڪار 2026ع ۾ شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا.
اداڪارا انسٽاگرام اسٽوري ذريعي مداحن کي آگاهه ڪيو ته هو غير تصديق ٿيل دعوائن تي ڌيان نه ڏين.
سجل علي پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته ”مداح پرسڪون رهن، جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ بابت ڪا به خبر آئي ته مان پاڻ سڌي ريت توهان سان شيئر ڪنديس.“
واضح رهي ته سجل علي جي 2020 ۾ اداڪار احد رضا مير سان شادي ٿي هئي، پر بدقسمتيءَ سان اها شادي ٻن سالن کان وڌيڪ قائم نه رهي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.