اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت نور خان ايئربيس تي حملو ڪري وڏي غلطي ڪئي، چار ڏينهن جي جنگ دوران پاڪستان ڀارت جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته 22 اپريل کانپوءِ پرڏيهي کاتو تمام گهڻو سرگرم رهيو، ڀارت نور خان ايئربيس تي حملو ڪري سپر غلطي ڪئي، ڀارت ايف-16 جهاز ڪيرائڻ بابت به ڪوڙ ڳالهايو، اسان دنيا کي ٻڌايو ته اسان اڳرائي نه ڪنداسين.
هن چيو ته پهلگام جي آڙ ۾ ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي نشانو بڻايو، پلواما جي آڙ ۾ ڀارت والاريل ڪشمير کي هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پلواما کانپوءِ ڀارت جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اسان کي ياد هو، جهاز ڪيرائڻ کانپوءِ ڀارت لڳاتار غلط بياني ڪندو رهيو، اسان ڪنهن کي به نه چيو ته اسان جو ڀارت سان ٺاهه ڪرائي، چار ڏينهن جي جنگ ۾ پاڪستان ڀارت جون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون.
نائب وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم جڏهن اقتدار سنڀاليو ته پاڪستان سفارتي اڪيلائي جو شڪار هو، ڇهه مئي کان اڳ ۽ پوءِ سٺ عالمي اڳواڻن جون فون ڪالز آيون، ڀارت جو ميزائل هلائڻ وڏي غلطي هئي، هڪ ڊرون فوجي اثاثن کي معمولي نقصان پهچايو، پاڪ ڀارت جنگ دوران ڀارت جا 79 ڊرون غير اثرائتا بڻايا ويا، 2025 ۾ پاڪستان کي عزت ۽ وقار مليو.
2005 ۾ پاڪستان کي وقار مليو، اسان جي فوج ڀارت جو غرور مٽيءَ ۾ ملايو: اسحاق ڊار
You might also like