ابرار احمد جو بنگلاديش پريميئرليگ کيڏڻ کان انڪار، ڪارڻ به سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو مسٽري اسپنر ابرار احمد بنگلا ديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) جي 12 هين ايڊيشن ۾ حصو نه وٺندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ابرار احمد کي چٽاگانگ رائلز پِڪ ڪيو هو، پر سندس نالو اجازت کانسواءِ نيلاميءَ واري فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو.
بنگلا ديش پريميئر ليگ جي فرنچائز ابرار احمد سان رابطو ڪيو، جنهن تي ابرار واضح ڪيو ته هن ان حوالي سان ڪنهن قسم جي اجازت نه ڏني هئي.
ٻئي پاسي رائلز ابرار احمد جي جاءِ متبادل رانديگر پِڪ ڪري بنگلا ديش ڪرڪيٽ بورڊ کي صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.