لاهور (ويب ڊيسڪ) لاھور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي گلبرگ علائقي ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ گاڏيون ساڙڻ ڪرڻ وارن ٻن ڪيس جو تفصيلي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت 9 مئي وارن ٻنهي ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ سبب 23 جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن سوڌو 7 جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
عدالت پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ ميان محمود الرشيد کي مجموعي طور 33 سال قيد ۽ 6 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
عدالتي فيصلي موجب، ميان محمود الرشيد کي مختلف قلمن تحت الڳ الڳ سزائون ڏنيون ويون آهن.
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي موجب، ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما ۽ اعجاز چوڌري کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر ياسمين راشد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما سازش واري اجلاس ۾ موجود رهيا ۽ پراسڪيشن موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت چئن اڳواڻن عوام کي وڳوڙن لاءِ ورغلايو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پراسڪيشن طرفان مختلف واٽس ايپ پيغامن ۽ 70 سوشل ميڊيا اڪائونٽن جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ملزمان خلاف فارنزڪ رپورٽون پڻ پيش ڪيون ويون.
عدالت موجب جي آءِ ٽي جي جاچ ٽيم جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ جوابدارن جي آءِ ٽي رپورٽ کي ڪنهن به فورم تي چئلينج نه ڪيو.
فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جوابدارن پنهنجن حتمي بيانن ۾ پاڻ کي بيگناهه قرار ڏنو، پر عدالت ثبوتن جي بنياد تي سزائون ٻڌايون.
نوَ مئي جي ٻن ڪيسن ۾ ميان محمود کي 33، ياسيمن راشد، عمر سرفراز چيما ۽ اعجاز چوڌريءَ کي 10، 10 سال ٽيپ
Prev Post
You might also like