ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڪرسمس جو تهوار ملهائڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ جي دنيا جي ٻن روايتي مخالفن وچ ۾ ايشز سيريز جي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ ڏسڻ لاءِ آيل 94 هزار کان وڌيڪ تماشائين کي شايد اندازو نه هو ته هو پهرين ئي ڏينهن 20 وڪيٽون ڪِرندي ڏسندا ۽ ٻنهي ٽيمن جون اننگز ستن ڪلاڪن جي اندر ئي مڪمل ٿي وينديون.
ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ جي ان پچ تي، جتي ڏهه ملي ميٽر تائين گاهه ڇڏيو ويو هو، انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو.
بين اسٽوڪس جي ان فيصلي سان انگلش ٽيم جي مداحن ۾ اميد پيدا ٿي ته هن سرسبز وڪيٽ تي سندن ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.
واضح رهي ته پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل ايشز سيريز ۾ آسٽريليا کي اڳ ئي 0-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي.
جمعي ڏينهن شروع ٿيندڙ چوٿين ميچ ۾ جڏهن آسٽريلوي بيٽر ميدان ۾ لٿا ته اننگز جي شروع کان ئي انگلش بالرن کي پچ مان ملندڙ مدد کين پريشان ڪري ڇڏيو.
ڪينگروز جي اوپنرن وچ ۾ پهرين وڪيٽ لاءِ 27 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي، جنهن کانپوءِ وڪيٽن ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ٽيم جو مجموعي اسڪور 51 تائين پهچندي پهچندي چار بيٽر پويلين موٽي چڪا هئا.
ان موقعي تي آسٽريلوي مڊل ۽ لوئر مڊل آرڊر ڪجهه مزاحمت ڏيکاري، عثمان خواجا 29 ۽ مائيڪل نيسر 35 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، پر 152 جي اسڪور تي هڪ پٺيان ٻي ٽي وڪيٽون ڪِرڻ سبب آسٽريليا جي پهرين اننگز پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.
انگلينڊ جي طرفان جوش ٽنگ پنج وڪيٽون وٺي نمايان رهيا.
ايشز سيريز دوران انگلش بيٽرن جي هينئر تائين جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي ماهرن ۽ مبصرن جو خيال هو ته تيز پچ تي انگلينڊ لاءِ 152 رنسون به گهٽ ناهن ۽ ائين ئي ٿيو، جڏهن رڳو 16 جي مجموعي اسڪور تي انگلينڊ جا چار رانديگر پويلين موٽي ويا، جن ۾ سينيئر بيٽر جوءِ روٽ به شامل هو، جيڪو کاتو به نه کوليو سگهيو.
ان باوجود هڪ موقعي تي پنهنجي جارحاڻي بيٽنگ لاءِ مشهور هيري بروڪ ڪپتان بين اسٽوڪس سان گڏ 50 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، ٻئي پنهنجي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪندي نظر آيا.
پر اسڪاٽ بولينڊ جي هٿان بروڪ جي ايل بي ڊبليو ٿيڻ کانپوءِ گس ايٽڪنسن کان سواءِ ڪو به انگلش بيٽر آسٽريلوي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ مهمان ٽيم 30 اوورن ۾ 110 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
آسٽريليا طرفان پهرين اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ مائيڪل نيسر سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون به حاصل ڪيون، هن 45 رنس ڏئي چئن انگلش بيٽرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين حالتون انگلش ٽيم جي خلاف نظر آيون، پر اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر گلين ميگرا جو خيال آهي ته حالتون بدلجي سگهن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته ”پچ ۾ اڃا گهڻو ڪجهه آهي. گرمي وڌي رهي آهي، جنهن جو اثر وڪيٽ تي پوندو، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته انگلينڊ جي چوٿين اننگز ۾ بيٽنگ لاءِ حالتون سازگار ٿي وڃن.“
اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان ميگرا سان سهمتي ڏيکاريندي چيو ته ”هاڻي تائين ايشز سيريز ۾ هي انگلينڊ کي ملندڙ سڀ کان سٺو موقعو آهي.“
هن چيو ته، ”انگلش ٽيم هدف جو پيڇو ڪندڙ بهترين ٽيمن مان هڪ آهي، انگلينڊ ملندڙ هدف حاصل ڪري سگهي ٿو. آسٽريليا يقينن فيورٽ آهي، پر اڃا انگلش ٽيم جي ڪهاڻي ختم نه ٿي آهي.“
پر انگلينڊ جي هڪ ٻئي اڳوڻي ڪپتان سر اليسٽر ڪڪ ميلبورن وڪيٽ بابت ڪاوڙ ۽ خدشن جو اظهار ڪيو.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ”منهنجي خيال ۾ اسان کي هن وڪيٽ بابت ٿورو ڳالهائڻو پوندو، هيءَ ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ مناسب وڪيٽ ناهي.“
اليسٽر ڪڪ اهو به چيو ته ٻنهي ٽيمن جا بيٽر وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن پيا، پر پچ کي ڏسي سندس ذهن ۾ اهو ئي سوال آيو ته ”توهان هنن جو مقابلو ڪيئن ڪندئو؟“
هن واضح ڪندي چيو ته مچل اسٽارڪ رائونڊ دي وڪيٽ بالنگ ڪري رهيو هو، ڪجهه بال هڪ پاسي سوئنگ ٿي رهيا هئا ته ڪجهه ٻي پاسي وڃي رهيا هئا.
”مان نٿو ڄاڻان ته انهن جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهجي ٿو، منهنجي خيال ۾ پچ سڀاڻي سڌي ٿي سگهي ٿي، پر ڪيوريٽر جو چوڻ آهي ته سڀاڻي هن وڪيٽ تي بيٽرن لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿينديون.“
ايشز: ڪينگروز بعد گورا به بيوس، باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن بالرن جي نانءُ آسٽريليا کي 46رنسن سرسي
You might also like