ڀارتي اسپورٽس جرنلسٽ سشانت مهتا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا، بنگلاديشي رانديگرن خلاف اڻ وڻندڙ ٻولي جو استعمال

بنگلاديش سان ڇڪتاڻ کانپوءِ ڀارتي اسپورٽس جرنلسٽ سشانت مهتا بنگلاديشي رانديگرن خلاف زهر اوڳاڇڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي آءِ پي ايل ۾ شرڪت تي پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ بنگلاديش ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ قونصلر ۽ ويزا سروسز عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏي آهي.
اڱاري ڏينهن نئين دهلي ۾ بنگلاديش هاءِ ڪميشن ٻاهران سوين ماڻهو گڏ ٿيا ۽ بنگلاديش ۾ هڪ هندو شخص جي مبينا قتل خلاف احتجاج ڪيو.
اهڙي صورتحال ۾ ڀارتي اسپورٽس جرنلسٽ سشانت مهتا بنگلاديشي رانديگرن خلاف زهر اوڳاڇيندي چيو آهي ته بنگلاديش ۾ هندن سان ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اسان هتي ٻن ٽڪن جي مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل ۾ 9.2 ڪروڙ رپيا ڏئي رهيا آهيون.
هن چيو ته جڏهن اسان پاڪستاني رانديگرن تي پابندي لڳائي ڇڏي ته ڪهڙي بنياد تي مستفيض کي 9 ڪروڙ ڏئي رهيا آهيون، ڇا ايترو پيسو انهن جي پيءُ به ڪڏهن ڏٺو آهي؟
سشانت مهتا مطالبو ڪيو ته بنگلاديشي رانديگرن تي به آءِ پي ايل کيڏڻ تي پابندي لڳائي وڃي.
واضح رهي ته آءِ پي ايل 2026 لاءِ ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز بنگلاديش جي مستفيض الرحمان کي 9.2 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ خريد ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.