تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز غزا ڪڏهن نه ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب والاريل اولهه ڪناري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسرائيل ڪاٽز چيو ته اسان غزا جي اندر تائين موجود آهيون، ڪڏهن غزا نه ڇڏينداسين، اسان غزا ۾ دفاع لاءِ آهيون ته جيئن جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٻيهر نه ٿئي.
هن چيو ته اسرائيل جي دفاع لاءِ پنهنجي قوت تي اعتماد رکون ٿا، مناسب وقت تي اتر غزا ۾ به شهري ۽ فوجي يونٽ تعمير ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان وزير آهيون، اسان کي اهي قدم سرڪاري طور لاڳو ڪرڻا آهن، پنهنجي دفاع لاءِ ڪنهن ٻئي تي يقين نٿا ڪري سگهون.
You might also like