اي چالان جي ڳري ڏنڊ کان پريشان شهرين لاءِ خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اي چالان جي ڳري ڏنڊ کان پريشان ڪراچي جي شهرين لاءِ سٺي خبر اچي وئي.
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار اي چالان جي ڏنڊ ۾ گهٽتائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
هن سينٽرل پوليس آفيس ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي چيو ته اپوزيشن ميمبرن کي به هڪ هفتي ۾ تجويزون ڏيڻ جو چيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي تي رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو اصولي آهي، ٽريفڪ سنگل ۽ ون وي جي ڀڃڪڙي تي معافي ناهي پر ٻين ڀڃڪڙين تي نرمي ڪنداسين.
صوبائي وزير چيو ته موٽر سائيڪل ۽ ڪار سوارن کي رعايت ملندي پر ون وي جي ڀڃڪڙي تي لاڳو ڏنڊ برقرار رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.