ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم ” ڌُرنڌَر“ جي هڪ سين سوشل ميڊيا ڌم مچائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ رحمان ڊڪيٽ جو ڪردار نڀائيندڙ اڪشي کنا مقامي رقص پيش ڪيو آهي.
وائرل وڊيو ۾ اڪشي کنا هڪ گاڏي مان لهندي، هجوم کي هٿ لوڏي سلام ڪري ٿو ۽ پوءِ بنا ڪنهن تياريءَ جي روايتي ڊانس ڪرڻ لڳي ٿو.
پر ڪهاڻي اتي ختم نٿي ٿئي، اڪشي جي رقص جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ، سندس پيءُ ليجنڊري اداڪار ونود کنا جي هڪ پراڻي وڊيو به سامهون آئي.
اِها وڊيو سال 1989ع جي هڪ خيراتي پروگرام جي آهي، جتي ونود کنا، ريکا، ۽ ٻه مشهور پاڪستاني ڪرڪيٽر اڳوڻو ڪپتان عمران خان ۽ جاويد ميانداد پڻ اسٽيج تي رقص ڪندي نظر اچن ٿا.
فلمي مداحن ٻنهي وڊيوز کي گڏائي ڏٺو ته کين پيءُ ۽ پٽ جي ڊانس ۾ دنگ ڪري ڇڏيندڙ حد تائي هڪجهڙائي نظر آئي، ٻنهي جي رقص جي هڪجهڙائي هاڻي سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ واهپيدار لکيو ته ”هاڻي خبر پئي!، اڪشي کنا ڌُرنڌَر ۾ پنهنجي پيءَ وارو انداز ڪاپي ڪيو آهي! “
اِهو تبصرو فوري طور وائرل ٿي ويو ۽ هاڻي واهپيدار ٻنهي ڪلپس کي گڏائي شيئر ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته اڪشي کنا جي انٽري سين اڳ ئي سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪري رهيو آهي، پر ونود کنا جي وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ بحث نئون رنگ اختيار ڪري ورتو.
مداحن جو چوڻ آهي ته فلمي پردو هجي يا اسٽيج پروگرام، کنا خاندان جي ڊانس ۾ ساڳي توانائي ۽ دٻدٻو جھلڪي ٿو، جيڪو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو پيو اچي.
هڪ واهپيدار لکيو ته ”هي سين هڪ بينگ آهي! شاندار شوٽنگ ۽ ڪوريوگرافي!“ ان کانسواءِ ڪجهه ماڻهو مزاحيه انداز ۾ رحمان ڊڪيٽ جو پراڻو ڪلپ پڻ وائرل ويڊيو سان شيئر ڪري رهيا آهن.
هاڻي اڪشي کنا جي وائرل ڪلپ جي حوالي پروڊڪشن ٽيم ان سين جي پٺيان لڪل دلچسپ ڪهاڻي پڻ شيئر ڪئي آهي.
فلم ۾ عزير بلوچ جو ڪردار ادا ڪندڙ دانش پانڊور جو چوڻ آهي ته اِها ڊانس پهريان کان طئي ٿيل نه هئي.
هن چيو ته شوٽنگ دوران ڪوريوگرافي جاري هئي، اوچتو اڪشي کنا اُٿي بيٺو ۽ هدايتڪار آديتيا ڌر کان پڇيو: ”ڇا مان به رقص ڪري سگهان ٿو؟“ جنهن تي هدايتڪار چيو ته ”جيڪو وڻئي ڪر!“ ان کان پوءِ اڪشي نچڻ شروع ڪيو، جنهن سموري ٽيم کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون.
ياد رهي ته ”ڌُرنڌر“ جاسوسي ۽ ايڪشن ٿرلر فلم آهي، جنهن ۾ اڪشي کنا رحمان ڊڪيٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
انٽري سين ۾ جيڪا موسيقي استعمال ٿي آهي، ان جو نالو FA9LA آهي، جنهن جي معني آهي ” فاصلو“، اِهو گيت بحرين جي هپ هاپ آرٽسٽ فلپراچي ڳايو آهي.