نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو واقعو پيش آيو، جتي پوليس ڪار هلائيندي هيلمٽ نه پائڻ تي شهري جو چالان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي ضلعي آگرا ۾ هڪ شخص کي گاڏي هلائيندي مڪمل هيلمٽ پاتل ڏٺو ويو، جڏهن کانئس ڪارڻ پڇيو ويو ته هن ٻڌايو مان اهو قدم هڪ غير معمولي پوليس چالان سبب کنيو آهي.
پيشي جي لحاظ سان ماستري ڪندڙ گلشن ٻڌايو ته 26 نومبر تي گاڏي هلائيندي هيلمٽ نه پائڻ جي الزام ۾ منهنجو 1100 ڀارتي رپين جو چالان ڪيو ويو.
سندس موجب مان ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي وضاحت ڏني ته سيٽ بيلٽ ٻڌل آهي پر پوليس هيلمٽ نه پائڻ تي ڏنڊ هنيو، ان واقعي مون کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ مان ان عجيب قانون جي پيروي ڪري رهيو آهيان ته جيئن وڌيڪ پريشاني کان بچي سگهجي.
اهو واقعو سوشل ميڊيا تي حيرت جو سبب بڻيو ۽ واهپيدار پوليس جي ان عمل تي تنقيد ڪري رهيا آهن.
هوڏانهن پوليس اختيارين جو ان معاملي تي موقف سامهون ناهي آيو.
You might also like