اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا سڃاڻپ ڪارڊ تي موجوده پتو تبديل ڪرائڻ جي خواهشمند شهرين لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
نادرا ترجمان موجب هاڻ پتي جي تبديلي جو عمل وڌيڪ آسان بڻايو ويو آهي ته جيئن شهري پنهنجي رهائشي رڪارڊ کي درست ۽ اپ ٽو ڊيٽ رکي سگهن.
ترجمان ٻڌايو ته پتي جي تبديلي لاءِ شهرين کي لازمي رهائش ثابت ڪندڙ ڪو هڪ دستاويزي ثبوت پيش ڪرڻو پوندو.
ان سلسلي ۾ والدين، شريڪ حيات يا پنهنجي ملڪيت ۾ موجود رهائشي پتي تي بجلي، گيس يا پاڻي جو بل قبولڻ جوڳو قرار ڏنو ويو آهي.
ان کانسواءِ ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ، ملڪيت جا ڪاغذ، هائوسنگ سوسائٽي جو الاٽمينٽ ليٽر يا تصديق ٿيل مسواڙ نامو به ثبوت طور جمع ڪرائي سگهجي ٿو.
شهري گهربل دستاويزن سان گڏ سڄي ملڪ ۾ ڪنهن به ويجهي نادرا مرڪز وڃي سگهن ٿا، جتي عملو کين پتي جي تبديلي جو مڪمل طريقي ڪار فراهم ڪندو.
Prev Post
You might also like