” رياست واضح ڪري ڇڏيو ته هاڻي فوج ۽ سپهه سالار خلاف بڪواس برداشت نه ڪئي ويندي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته رياست جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته هاڻي ڪا به بڪواس برداشت نه ڪئي ويندي.
فيصل واوڊا پنهنجي بيان ۾ چيو ته مون ته نرم ٻولي استعمال ڪئي هئي، پر رياست واضح انداز ۾ جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي پاڪستان، ان جي فوج ۽ شهيدن توهين نه ڪئي ويندي.
هن چي ته فوج خلاف دشمن ملڪ جي بيانئي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
سينيٽر فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته اڄ رياست پنهنجو جواب بلڪل واضح طور تي ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.