عورت مارچ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس روڪڻ لاءِ پوليس جي ناڪابندي، 3 نينگريون گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪلاسيڪل ناچڻي ۽ عورت مارچ جي اڳواڻ شيما ڪرماڻي ۽ منيزه احمد ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ته جبري طور گم ٿيل بلوچ عورتن نصرينا بلوچ، مهه جبين بلوچ سميت سمورين گم ڪيل بلوچ نينگرين کي ظاهر ڪيو وڃي، رياست جي سمورين ايجنسين جو صاف شفاف حساب ڪتاب ڪيو وڃي، گم ڪيل نينگرين ۽ نوجوانن جي وارثن کي انصاف جي گهر ڪندڙن کي ايجنسين طرفان ڌمڪائڻ ۽ خوفزده ڪرڻ بند ڪيو وڃي، عورت مارچ جي پريس  ڪانفرنس کي روڪائڻ لاءِ ڪراچي پريس جي چوڌاري رستا بند ڪندڙ ۽ عورتن جو جسماني تشدد ڪندڙ ۽ نينگرين کي گرفتار ڪندڙ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيل نينگرين کي آزاد ڪيو وڃي، هنن چيو ته ادارا بي هٿيار بلوچ عورتن کان ان ڪري خوفزده آهن ،جو آهي، بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي معدنيات ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، هنن وڌيڪ چيو ته اها رياست جي لاءِ شرم جوڳي ڳالهه هجڻ گهرجي ها ته انهن مردن بعد هاڻي 14,15 سالن جي معصوم بلوچ نينگرين کي گم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ پي پي پي سنڌ حڪومت شهيد ڀٽو جي نالي تي فاشسٽ حڪومت وارا ڪم ڪري رهي آهي، شيما ڪرماني چيو ته پريس ڪانفرنس کان روڪڻ لاءِ هن سميت ٻين ميمبرن مٿان پوليس سر عام تشدد ڪيو آهي، جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي،ان کان اڳ  عورت مارچ جي طرفان گم ٿيل بلوچ عورتن کي ظاهر ڪرڻ جي مطالبي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ پريس ڪانفرنس کي روڪڻ لاءِ ڪراچي سائوٿ پوليس طرفان پريس ڪلب ايندڙ رستن کي چوڌاري بند ڪيو ويو ۽ پريس ڪلب ڏانهن ايندڙ رستي تي شيما ڪرماني ۽ ٻين عورتن کي زبردستي روڪي انهن مٿان تشدد ڪري ٽن نينگرين کي کنڀي پوليس گاڏي ۾ نامعلوم هنڌ تي نيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.