ايئرفورس جي ڪجهه عملدارن جي نوازشريف سان ملاقات،الڳ راءِ پيش؟

اسلام آباد(ابصار عالم)ايئرفورس جي ڪجه ماڻهن جي لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ٿي آهي،ان ۾ ڪجهه شين جي باري ۾ الڳ راءِ ڏني وئي،چيف آف ڊفينس فورسز،ان جي اختيارن جي باري ۾ راءِ جو اظهار ڪيو ويو،جڏهن ته نئين راڪيٽ فورسز ۽ اسٽريٽجڪ ڪمانڊ فورس بڻجڻ بعد ٿي سگهي ٿو فوج جي انگ ۾ واڌ ٿي وڃي،ان ۾ ڪير ڪيترو حصو وجهندو،ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار هوندو اهي شيون طئي ٿيڻ گهرجن،سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو ڪيترو عمل دخل آهي،سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي ڪهڙا ماڻهو بهتر سمجهي سگهن ٿا  اهي ڳالهيون به ان ملاقات ۾ بحث هيٺ آيون،جيڪو نوٽيفڪيشن ايترن ڏينهن کان رڪيل هو ان ۾ اها ڳالهه هئي،ذريعن موجب نوازشريف سان جن ماڻهن جي ملاقات ٿي ان ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ان تي وڌيڪ بحث ٿيڻ گهرجي،ڪجهه ماڻهن جا تحفظات ختم ڪيا ويا آهن،نوازشريف کي چيو ويو ته هن وقت نوٽيفڪيشن واري بي يقيني ختم ڪريو، سويلين ڌر اسٽيبلشمينٽ  جي هي ڳالهه به مڃي ڇڏي آهي، ڊفينس فورسز جو عهدو ان ڪري تخليق ڪيو ويو ته هاڻي ملٽي ڊومين آپريشن جو دور آهي،ان ۾ مختلف طريقي سان جنگ وڙهي ويندي،ايئر چيف جي ايڪسٽينشن سان گهڻن ماڻهن جا خدشا ختم ٿي ويندا ۽ افواهه به پنهنجي موت مري ويندا، اهي خدشا ملڪ سميت ”ڪجه ٻين هنڌن“ تي هئا پر هاڻي تحفظات ختم ٿي ويا آهن،تمام سٺي ماحول ۾ اڳتي وڌو ويندو،ڀلي هائبرڊ نظام ئي هجي پر حڪمراني بهتر هئڻ گهرجي،ڪرپشن ختم ٿيڻ گهرجي،هن ملڪ جي عوام کي سڪون جو ساهه ملڻ گهرجي،دهشت گردي ختم ۽ سياسي استحڪام اچڻ گهرجي، عوامي نمائندن جي ساک هن وقت ملڪ ۾ ڪمزور آهي انهن کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، ”سويلين بالاستي کان علاوه زماني ۾ ٻيا به ڏک آهن“ جڏهن ته صحتمند بحث مباحثا زنده قومن جو مثال هوندا آهن،صحمند رپورٽنگ لاءِ حڪومت،اسٽيبلشمينٽ ۽ ايستائين جو صحافين جي به اها ٽيسٽ ناهي رهي،هن قوم جو مزاج اهڙو بڻايو ويو آهي ته جيڪو وڏو ڪوڙ ڳالهائي ان کي هتي وڏو صحافي سمجهيو ويندو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 05 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.