اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته شيون بهتري ڏانهن وڃي رهيون آهن، هاڻ پاڪستان اوچي اڏام ڀريندو.
ايوان صدر اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري سان ڪرغزستان جي صدر زپاروف جي ملاقات جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته سڀ ٺيڪ آهي ۽ سڀني جي سامهون آهي.
واضح رهي ته صدر آصف علي زرداري چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي چيف آف ڊفينس فورسز مقرري طور سمري منظوري کانپوءِ ايوان صدر موڪلي هئي.
You might also like