اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز مقرري طور سمري منظوري کانپوءِ ايوان صدر موڪلي هئي.
پڌرائيءَ موجب صدر چيف آف آرمي اسٽاف جي چيف آف ڊفينس فورسز طور 5 سال مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
فيلڊ مارشل عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏ چيف آف ڊفينس فورسز به هوندو، اها مقرري 5 سالن لاءِ آهي.
فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان جو پهريون چيف آف ڊفينس فورسز هوندو.
You might also like