اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان جي 3 ارب ڊالرز جي ڊپازٽ جي مدي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي.
اسٽيٽ بينڪ ذريعن موجب سعودي ڊيولپميٽ فنڊ 3 ارب ڊالرن جي ڊپازٽ جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جا 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ پاڪستان وٽ موجود آهن، انهن ڊالرن جي ڊپازٽ جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته سعودي عرب 2021 ۾ پاڪستان کي 3 ارب ڊالرن جو ڊپازٽ فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو.
You might also like