ڀارت طوفان متاثر سريلنڪا کي انساني امداد جي فراهمي ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو آهي: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ڀارت سريلنڪا ڏانهن پاڪستان جي انساني امداد ۾ رنڊڪ وجهي رهيو آهي.
ترجمان موجب خاص امدادي اڏام جي روانگي لاءِ ڀارت جي اجازت 60 ڪلاڪن کان وڌيڪ دير سان ٿي، جڏهن ته 48 ڪلاڪن کان پوءِ مليل جزوي اجازت پڻ غير موثر هئي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ واپسي جي اڏام لاءِ ڪا به منظوري شامل نه هئي.
پاڪستان سريلنڪا ۾ طوفان متاثر ماڻهن لاءِ امداد موڪلڻ چاهي ٿو، جتي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب فوتين جو انگ 410 تائين پهچي ويو آهي ۽ 336 ماڻهو گم آهن، جڏهن ته 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.