هيڊ ڪوچ گمڀير سان اختلاف، ڪوهلي جو اهم ٽورنامينٽ کيڏڻ کان انڪار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ملڪ جي اهم علائقائي ٽورنامينٽ ”وجئه هزاري ٽرافي“ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
آسٽريليا خلاف بارڊر-گواسڪر ٽرافي ۾ شڪست کانپوءِ بي سي سي آءِ، هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير ۽ چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر واضح ڪري چڪا آهن ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگر انٽرنيشنل ميچن کان واپس اچي علائقائي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندا.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان به ڪجهه ڏينهن اڳ ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما کي واضح ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن قومي ٽيم ۾ رهڻو آهي ته علائقائي ٽورنامينٽ کيڏڻي پوندي ته جيئن عالمي ڪرڪيٽ جي گهرجن ۽ فٽنيس جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ويرات ڪوهلي بي سي سي آءِ جي هدايت خلاف سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ هن هلندڙ مهيني جي آخر ۾ شروع ٿيندڙ وجئه هزاري ٽرافي کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ويرات ڪوهلي آچر تي ڏکڻ آفريڪا خلاف پنهنجي 52 هين ون ڊي سينچري اسڪور ڪئي هئي، پر ان باوجود هن علائقائي سطح تي کيڏڻ کان معذرت ڪئي، جنهن سبب ڪرڪيٽ بورڊ ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته روهت شرما وجئه هزاري ٽرافي ۾ ممبئي جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر ڪوهلي جي انڪار کانپوءِ ٽيم مئنيجمينٽ ۽ بي سي سي آءِ سان سندس ٽڪراءُ جو امڪان آهي.
ڀارتي ميڊيا اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير جا سينيئر بيٽرن ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما سان اختلاف وڌي ويا آهن.
مقامي ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير جا ٻنهي سينيئر ڪرڪيٽرن سان معاملا شدت اختيار ڪري ويا آهن.
هڪ رپورٽ موجب، ڀارتي ون ڊي ٽيم جي ڊريسنگ روم جو ماحول هن وقت سخت دٻاءُ هيٺ آهي، آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ ٻنهي سينيئر رانديگرن جي واپسي ٽيم جي ماحول ۾ اُها گرمجوشي واپس نه آڻي سگهي جيڪا ٽيسٽ سيريز دوران ڏٺي وئي هئي.
ٽيم جي هيڊ گوتم گمڀير ۽ ٻنهي سينيئر رانديگرن وچ ۾ اعتماد ۽ ڳالهه ٻولهه جو فقدان آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوهلي ۽ روهت طرفان اوچتو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ واري فيصلي کانپوءِ ڪوچ ۽ سينيئر رانديگرن ۾ اختلاف وڌيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.