جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ جسٽس ظفر راجپوت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس ظفر راجپوت ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس ڪامران خان ملاخيل جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ پهرئين اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 3 سينيئر ججن قائم مقام چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت، جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس محمود اي خان جي نالن تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس ظفر راجپوت جي نالي جي منظوري ڏني.
جڊيشل ڪميشن جي ٻئي اجلاس ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 3 سينيئر ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو، جن ۾ جسٽس ڪامران خان ملاخيل، جسٽس اقبال احمد ڪانسي ۽ جسٽس شوڪت علي درخشاني شامل هئا.
ذريعن موجب ڪميشن بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس لاءِ جسٽس ڪامران خان ملاخيل جي نالي جي منظوري ڏني.
جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي ٽئين اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي مستقل جي مقرري تي غور ڪيو ويو، جنهن لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 سينيئر ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب ڪميشن ايڪٽنگ جج سپريم ڪورٽ جون ذميواريون نڀائيندڙ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي ئي سپريم ڪورٽ جو مستقل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.