ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان پنهنجي لاڏاڻي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن جي سختيءَ سان ترديد ڪري ڇڏي آهي.
گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي اها ڪوڙي خبر وائرل ٿي هئي ته معين خان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن سبب سوشل ميڊيا تي بيچيني پکيڙي وئي.
حقيقت ۾ حيدرآباد سان واسطو رکندڙ 65 ورهين جو سينيئر ڪرڪيٽر معين خان راجپوت لاڏاڻو ڪري ويو هو، پر سوشل ميڊيا تي معين راجپوت بدران قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان جي تصوير شيئر ڪئي وئي.
افواهن کان پوءِ اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته”مان چاڪ، چڱو ڀلو ۽ مڪمل صحتمند آهيان.“
هن ڪوڙيون خبرون پکيڙيندڙن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ته ”صبح کان هڪ خبر گردش ڪري رهي آهي، جنهن به صاحب اِها حرڪت ڪئي آهي، تنهن نهايت غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي.“
سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبر سبب دوست پريشان ٿي ويا، سماجي رابطن وارن پليٽ فارمز تي بنا ڪنهن تصديق جي منهنجي موت جي خبر لڳائي وئي آهي، دوستن کي گهرجي ته خبر شيئر ڪرڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪن.
You might also like