هاڻ رستن تي اچي سنڌ دشمن فيصلا ناڪام بڻائينداسين\اياز لطيف

حيدرآباد  (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جو اجلاس اياز لطيف پليجو صدرات ۾ ٿيو اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ وٽ پرامن جدوجھد جي ڊگھي تاريخ آھي، جنرل ايوب جي خلاف ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، نيلام بند ڪيو تحريڪ، سنڌي ۾ لسٽيون ڇپرايو تحريڪ، آمر جنرل ضيا جي سنڌ دشمن پاليسين خلاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ، آمر جنرل پرويز مشرف خلاف تحريڪ، ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن خلاف مسلسل جدوجهد ۽ ٻٽي نظام خلاف جدوجهد ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن، ھاڻ به لکين ماڻھن سان رستن تي اچي سنڌ دشمن فيصلا ناڪام بڻائينداسين، 27 ھين آئيني ترميم ذريعي عدالت ۽ جمھوريت جو جنازو ڪڍيو ويو آھي. اقتدار خاطر انصاف جا دروازا بند ڪيا ويا آھن، جمھوريت کي ختم ڪري آمريت جا دروازا کوليا ويا آھن. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.