ڇا هائبرڊ نظام ۾ سڀ ٺيڪ هلي رهيو آهي؟

اسلام آباد(عاصمه شيرازي)چيف آف ڊفينس فورسز جو نوٽيفڪيشن اڃا تائين جاري نه ٿيو،ان کان علاوه تحريڪِ انصاف وڏي شوڊاؤن جي تياري ۾ آهي ساڳئي وقت پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ٻاهر ويٺل ڪردارن هڪ وڏي مهم هلائي ڇڏي ته آئيني عهدو ختم ٿي ويو، نوٽيفاءِ نه ڪرڻ سان بحران پيدا ٿي ويو  آهي سرڪاري ماڻهو ٻڌائيندا رهيا ته هوم ورڪ ٿي رهيو آهي، جلد ئي نوٽيفڪيشن اچي ويندو۔. پوءِ اوچتو خبر پئي ته وزيراعظم پهريان بحرين ۽ پوءِ لنڊن هليو ويو ان وچ ۾ نواز شريف ميڊيا تي اچي وڏا مطالبا رکيا ته عمران ته ننڍو مجرم آهي، وڏن ڏوهارين جو احتساب ڪڏهن ٿيندو؟انهن ڳالهين جو ٽائيم، وزيراعظم جو ٻاهر وڃڻ، ۽ نوٽيفڪيشن جو نه اچڻ اهي سڀ گڏجي سوال پيدا ڪن ٿا ته ڇا واقعي سڀ ٺيڪ ناهي؟ان دوران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي  جي قومي ورڪشاپ ۾ آرمي چيِف سياسي ماڻهن تي تنقيد ڪئي،پي ٽي آءِ جي باري ۾ سوالن جا جواب ڏنا،گورننس، معاشي رپورٽن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي تي ڳالهايوصحافين جي رپورٽن موجب نواز شريف حڪومت جي گورننس کان ناراض آهي ۽ چوي ٿو ته اختيار اوهان وٽ آهن، ذميواري به اوهان جي آهي،ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ هن ڳالهه تي سوال کڻندي نظر اچي ٿي ته حڪومت طرفان مقرر ڪيل ماڻهن جي ڪارڪردگي ۾ به مسئلا آهن ٻنهي طرفن جا شڪوا شڪايتون موجود آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 02 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.