اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)معاشي ماهر ڊاڪٽر نديم الحق چيو آهي ته اصل مسئلو اهو آهي ته حڪومت پاڻ ٻڌائي ئي نه ٿي ته اها ڪرڻ ڇا ٿي چاهي. حڪومت جو ڪم ڇا آهي؟ قيمتون طئي ڪرڻ؟ فلائي اوور ٺاهڻ؟ روڊو ٺاهڻ؟ هڪ ٻئي سان سياسي جنگيون ڪرڻ؟ حڪومت کي پنهنجو اصل ڪردار طئي ڪرڻو پوندو.هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته حڪومت کي سڀ کان گهٽ ڪم ڪرڻ گهرجي. روڊ، فلائي اوور، اسڪيمون اهي سڀ لوڪل گورنمينٽ جو ڪم هجڻ گهرجي،پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ته هئڻ ئي نه گهرجي، اهو مڪمل طور سياسي اوزار بڻجي چڪو آهي،هن چيو ته حڪومت جو اصل ڪم ملڪ ۾ پراپرٽي رائيٽس،سيڪيورٽي،فراڊ کان پاڪ ٽرانزيڪشن،عدالتي تحفظ.ڪاروبار ڪرڻ جا ضابطا مقرر ڪري.هن چيو ته ٽيڪس هر سال وڌي ٿو، پر صرف پگهاردار طبقو ۽ فارمل سيڪٽر تي وڌي ٿو،زراعت ٽيڪس نٿي ڏئي، واپارين جو معاملو الڳ آهي.دڪاندار 18 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو، بجلي نٿي ملي، روڊ نٿا ٺهن، ته پوءِ ٽيڪس ڇو ڏي؟سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪرپشن جام آهي،وڏا وڏا سرڪاري بنگلا،قطارن ۾ سرڪاري گاڏيون، هي سڀ اشرافيه جو قبضو ناهي؟هن چيو ته توهان ٽيڪس وٺڻ چاهيو ٿا پر ماڻهو پڇن ٿا ته “اسان کان ڇو؟ وڏا ڇو آزاد آهن؟”آءِ ايم ايف چئي رهي آهي ته 5.3 ٽريلين روپيا ڪرپشن ۾ ويا.هي تمام وڏو انگ آهي،ناڻي واري وزير کي فوراً جواب ظاهر ڪرڻ گهرجي ها،هن چيو ته حقيقي مسئلاسول ڪامورا شاهي، عدليه،سياستدان،مجموعي طور رياستي ڍانچو آهي، پر سڀ کان وڏو مسئلو: سنڌ پنجاب وغيره جا صوبائي نظام ناڪارا ٿي چڪا آهن،هن چيو ته اين ايف سي تي ٿئي ٿو ته پر صوبائي فنانس ڪميشن نٿو ٿئي،هي غيرقانوني آهي. هن چيو ته اصل حل “سٽي گورنمينٽ آهي،وڏيرڪو نظام انهيءَ جي رستي ۾ سڀ کان وڏو رڪاوٽ آهي.نوان صوبابلڪل نٿا گهرجن. صوبا وڌائڻ سان وڌيڪ وزير، سيڪريٽري، هاءِ ڪورٽون، گاڏيون، خرچ وڌندا.هي حل نه آهي،هن چيو ته جيڪڏهن هي ڪرڻو آهي ته پوءِ ايوب خان جي ون يونٽ تي واپس وڃو، پر پوءِ مڃو ته 60 سال ضايع ڪيا،هن چيو ته آئين ڪم نٿو ڪري،پارليامينٽ غيرفعال،خانداني سياست حاوي آهي،ڪاموراشاهي نااهل عدليا غير شفاف آهي ٽيڪس نظام ناانصافيءَ وارو آهي،ٻين ملڪن ۾ شرم هوندو آهيپر هتي بلڪل ناهي.يورپ ۾ وزير هڪ ننڍي الزام تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا آهن،هتي ٽرين لُڙهي وڃي، وزير چوندو ته مونکي ڇا؟ مان ته استعيفيٰ نه ڏيندس،هن چيو ته پاڪستان جو بحران ڪرپشن يا ٽيڪس جو ناهي،اصل بحران آهي اشرافيه جي قبضي، طاقت جو غلط ورهاست ۽ بي ايمانيءَ جي ڪلچر جو آهي.