نواز شريف چيف آف ڊیفينس فورسز جي مقرري ۾ رنڊڪ ناهي\راڻا ثناءُ الله

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته چیف آف ڈیفنس فورسز (سي ڊي ايف) جو هڪ نئون ادارو ٺهڻ وارو آهي جيڪو تمام اهم ادارو هوندو. هن چيو ته ان اداري جا معاملا ڏسندي نوٽيفڪيشن ۾ جلدبازي نه ٿيڻ گهرجي ۽ نه ئي ايترو جلدي ٿيڻ گهرجي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊِيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناء اللّٰہ چيو ته وزيراعظم جي واپسي کان پوءِ جيڪو وقت ان لاءِ ضروري آهي، نوٽيفڪيشن ان وقت مطابق جاري ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته آئين کان پوءِ قانون ۽ پوءِ رولز ٺهندا آهن، ۽ اهي سڀئي شيون احتياط سان ڪيون وڃن ٿيون. راڻا ثناء اللّٰہ وضاحت ڪئي ته ڪنهن به ڳالهه جو غور هيٺ اچڻ ۽ فيصلو ٿيڻ ۾ فرق آهي. مختلف آپشن مختلف وقتن ۾ غور هيٺ ايندا آهن، ۽ جيستائين ڪو حتمي فيصلو نه ٿئي، تيستائين ان تي ڪو حتمي بيان نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته آئيني ترميم مطابق، جنهن ڏينهن نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، ان ڏينهن کان ان جي مدت جو تعين ڪيو ويندو، ۽ نوٽيفڪيشن کان پوء ان جي مدت پنج سال هوندي. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته نواز شريف جي طرفان سي ڊي ايف جي نوٽيفڪيشن ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي وڌي وئي. اهو تاثر غلط آهي ته نواز شريف هن بابت ڪنهن مخالفت جو اظهار ڪيو آهي. راڻا ثناء اللّٰہ وضاحت ڪئي ته نواز شريف جي ڳالهه ٻئي ڪنهن مسئلي سان تعلق رکندي هئي، ۽ ان کي سي ڊي ايف سان ڳنڍڻ مناسب ناهي.رانا ثناءُ اللهه  چيو ته پي ٽي آءِ جو وفد اسپيڪر وٽ آيو هو، ۽ اسان انهن کي چيو هو ته وزيراعظم جي واپسي کان پوءِ اهو مسئلو انهن جي سامهون رکڻ گهرجي. تنهن هوندي. پي ٽي آءِ جو وفد وڃڻ کان پوء وزيراعليٰ جي ڌمڪي آئي، جنهن بعد انهن ملاقاتن جي اجازت نه ڏني وئي، جيڪي اهي پهريان ڪندا رهيا آهن يا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.