اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چيف آف دي ڊفينس فورسز جي عهدي جو باضابطه نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو، ۽ اها ڪا پريشاني جي ڳالهه ناهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄڪلهه اهڙو لڳي ٿو ته ميڊيا وٽ ڪا خبر ناهي.آئيني ترميم کان پوءِ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف جو هڪ ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. وزير قانون وڌيڪ چيو ته هي سڀ سرڪاري عمل جو حصو آهي، ۽ جڏهن وزيراعظم واپس ايندا ته نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو. انهن موجب، ٿي سگهي ٿو ته فائل ورڪ مڪمل ٿي چڪو هجي. هن ٻڌايو ته وزارت دفاع کي وزيراعظم هائوس سان هم آهنگي ڪرڻ کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو آهي. وزير قانون وضاحت ڪندي چيو ته آرمي چيف جي مدت ملازمت کي اڳ ۾ ئي قانوني تحفظ حاصل آهي ۽ اها نومبر 2027ء تائين محفوظ آهي. نئين ترميم کان پوءِ گڏيل مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. هن ميڊيا ۾ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ ۾ دير بابت چيو ته اڄڪلهه اهڙو لڳي ٿو ته ميڊيا وٽ ڪا خبر ناهي.سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي، اعظم نذير تارڙ چيو ته سرڪاري گاڏين تي پارٽي جا جهنڊا لڳائي اسلام آباد تي حملا ڪرڻ غير آئيني آهي. هن چيو ته اسان کان گهڻيون غلطين ٿيون آهن، پر جيڪڏهن پاڪستان هلندو رهندو ته سياسي جماعتون پنهنجي سياست ڪري سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم بار بارڳالهين جي دعوت ڏني آهي. ڌمڪيون ڏيڻ سان ايون (پارليامينٽ) نٿي کٽي سگهجي. هي عوام جو مقدس ايون آهي، ۽ ڪنهن کي به سرڪاري گاڏين تي پارٽي جا جهنڊا لڳائي ان تي حملو ڪرڻ جو حق ناهي. هن چيو ته گورنر راج آئيني آهي، اها مارشل لا ناهي. جيڪڏهن پاڪستان هلندو رهندو، ته سياسي جماعتن کي سياست ڪرڻ جو موقعو ملندو، ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جي اميد رهي سگهي ٿي. وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف جي رپورٽ بابت چيو ته اها هڪ ٽيڪنيڪل رپورٽ آهي جنهن ۾ ادارن جي اصلاحات بابت سفارشات شامل آهن. هن چيو ته رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه ناهي جنهن تي اسان ڪم نه ڪري رهيا هجون. آءِ ايم ايف کان 15 سفارشات اچي چڪيون آهن، ۽ اهي سفارشات اسان جي ادارہ جاتی اصلاحات جي ايجنڊا ۾ شامل آهن.