فلم انڊسٽريءَ وڏي عمر وارين اداڪارائن کي رومانوي ڪردار نٿا ملن: ديا مرزا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ديا مرزا چيو آهي ته وڏي عمر وارن مردن کي رومانوي ڪردار ملي ٿو، پر عورتن لاءِ ائين ناهي.
وي دي وومين ايونٽ ۾ ڳالهائيندي ديا مرزا ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ عمر واري تعصب تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته عورتن کي عمر وڌڻ کان پوءِ رومانوي ڪردار نٿا ملن.
هن چيو ته اڪثر مون کي اهڙن مرد اداڪارن سان ڪاسٽ ڪيو ويو، جيڪي 50، 60 يا 70 سالن جا هئا، پر وڏي عمر وارن عورتن لاءِ ائين ڪاسٽنگ قطعي ناهي ٿيندي.
ديا مرزا جو چوڻ هو ته 40 ورهين جي عمر ۾ به پنهنجو بهترين ڪم باوجود، هوءَ اڃا به اهڙن اداڪارن سان ڪاسٽ ڪئي وڃي ٿي، جيڪي کائنس ڪيئي ڏهاڪا وڏا آهن.
اداڪارا چيو ته مسئلو عورتن جي حق سان واڳيل آهي ته تحت کين وڌندڙ عمر سان باوقار، بااختيار ۽ خواهش پٽاندر ڪردار ناهي ملندو.
هن چيو ته فلمي دنيا رڳو تڏهن بهتر ٿي سگهندي، جڏهن مرد ۽ عورتون ٻنهي کي عمر جي فرق کان سواءِ برابر موقعا ملندا.
هن ڀارتي سئنما ۾ هيرو ۽ هيروئن جي عمر ۾ فرق بابت چيو ته مون اڃا تائين 60 يا 70 سالن جي عورت اداڪارا سان 40 سالن جو هيرو نه ڏٺو آهي.
واضح رهي ته ديا مرزا اداڪارا، پروڊيوسر ۽ گڏيل قومن جي خيرسگالي بابت سفير پڻ آهي، ان کانسواءِ هوءَ ماحولياتي سرگرمين ۾ پڻ سرگرم رهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.