عورت کان موبائيل فون کسيندڙ انٽرنيشنل ڪرڪيٽر کي ٽي سال ٽيپ

پورٽ موريسبي(ويب ڊيسڪ) پاپوا نيو گني جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪپلن ڊوريگا کي عورت کي هراسان ڪرڻ ۽ موبائيل فون ڦرڻ جي ڏوهه ۾ ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
رپورٽ موجب، ڪپلن ڊوريگا 25 آگسٽ جي رات اٽڪل اڍائي وڳي هوٽل واپسي تي سينٽ هيليئر ۾ هيلري اسٽريٽ تي هڪ عورت کي ڏٺو ۽ اوچتو مٿس حملو ڪري کائنس موبائيل فون ڦري ورتي.
پوليس عورت کي فوري طور بچائي ورتو، جڏهن ته متاثر عورت پوليس کي ٻڌايو ته ڪنهن کيس مُڪ هڻي بيهوش ڪيو ۽ سندس موبائيل ڦري فرار ٿي ويو.
واقعي کان ستت پوءِ ڪرڪيٽر کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن سندس خلاف ڦري جي الزام هيٺ باظابطا ڪيس داخل ڪيو ويو.
ان کانپوءِ جوابدار کي ڦر جي الزام ۾ چارج ڪيو ويو ۽ هو 27 آگسٽ تي جرسي جي مئجسٽريٽ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي هن پنهنجو ڏوهه قبوليو.
عدالتي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ رائل ڪورٽ آف جرسي سندس ضمانت جي درخواست رد ڪندي کيس ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.