لنڊن (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ هڪ ٻي وڏي وڪيٽ ڪِري پئي، اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان فاف ڊوپليسي کانپوءِ اڳوڻي انگلش آل رائونڊر معين علي به آءِ پي ايل ڇڏي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) کيڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
فاف ڊوپليسي کانپوءِ انگلينڊ جو معين علي به آءِ پي ايل ڇڏي پي ايس ايل ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هي وقت نئين شروعات جو آهي ۽ هو پاڪستان سپر ليگ جي نئين دور ۾ شامل ٿيڻ تي تمام گهڻو پرجوش آهي.
معين علي چيو ته پاڪستان ۾ کيڏڻ هميشه سٺو رهيو آهي، هتي اعليٰ معيار جي ڪرڪيٽ ۽ شوقينن جو غير معمولي جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي، جتي هر ڪوئي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهي ٿو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فاف ڊوپليسي به آءِ پي ايل ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي پاڪستان سپر ليگ ۾ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو هو.
You might also like