معيشت تباهه آهي، حڪومت عوام کي حق واپس ڪري\فضل الرحمان

مردان(عوامي آواز رپورٽ)جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اڳ چيو ويندو هو ته عمران خان مغربي ايجنڊا هلائي رهيو آهي، پر مغربي ايجنڊا تي ته  هاڻوڪي حڪومت عملدرآمد ڪري رهي آهي،مردان ۾ تقريب دوران خطاب ڪندي هن چيو ته ٽرمپ جا هٿ  فلسطيني مسلمانن جي خون سان رڱيل آهن۽ وزيراعظم شهباز شريف ٽرمپ کي امن جو نوبل انعام ڏيارڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي،هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي پنهنجن روين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي۔ملڪ جي معيشيت مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي،هن چيو ته پاڪستان اهو ملڪ نه رهيو آهي جنهن لاءِ عوام اميدون رکيون هيون۔حڪومت عوام کي سندن حق واپس ڏئي،هن چيو ته اڄ آئين کي رانديڪو بنايو ويو آهي، ۽ عوامي خواهشن بدران وڏن ماڻهن جي مرضي هلي رهي آهي.27هين ترميم لاءِ ميمبر خريديا ويا ۽ جعلي اڪثريت سان 27هين ترميم کي منظور ڪرايو ويو،هن چيو ته اسان جي افغان پاليسي مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.78سالن ۾ به اسان افغانستان کي پنهنجو مستقل دوست نه بڻائي سگهيا آهيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.