گولاڙچي( رپورٽ :عيدن زندپور) سنڌين نيشنل ڪانگريس جو ڪارپوريٽ فارمنگ، جبري گمشدگين، 27 ھين ترميم، ماحولياتي تباھي خلاف ۽ سنڌ جي وسلين جي مالڪي لاءِ مرڪزي چيف آرگنائيزر محب آزاد، مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي، مرڪزي آرگنائيزر محسن سولنگي، مرڪزي آرگنائيزر سھڻي جويو ۽ سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر عديل لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ سجاول کان نڪتل ”سنڌ بچايو پيادل مارچ“ چوٿين ڏينھن ڪڙيو گھنور کان ويھه ڪلوميٽر پنڌ ڪري گولاڙچي ۾ پھتو، جنھن جي نئين موري ، گولاڙچي بائي پاس ۽ شھيد فاضل راھو چوڪ تي مقامي قومي ڪارڪنن گلن ۽ اجرڪن سان آجيان ڪئي، بعد ۾ پريس ڪلب گولاڙچي آڏو پيادل مارچ جلسي ۾ تبديل ٿي ويو ، جتي محب آزاد، سارنگ جويو، سھڻي جويو، محسن سولنگي، عديل لغاري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندين چيو ته اسان سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ سر تي ڪفن ٻڌي نڪتا آھيون، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي ساحلي پٽي سميت سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪري مقامي ماڻھن کان وات جو گرھ ڦرڻ ھڪڙو ناقابل برداشت ڏوھ آھي جنھن جي رستا روڪ ڪنداسين، ھنن چيو ته سنڌو درياء تي ڪئنالن ذريعي ڌاڙو انڍس ڊيلٽا مڪمل طور مري ويندي، سنڌو ۾ گھربل پاڻي نه ڇڏڻ ڪري انڊس ڊيلٽا ماحولياتي تباھي جي ور چڙھي ويا آھن، سامونڊي پٽي جي 44 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي، 70 مٺي پاڻي جون ڍنڍون کاري پاڻي جا ڍورا بڻجي ويون آھن، ۽ چار ھزار ڳوٺن جي اٺ لک آبادي معاشي توڙي سماجي تباھي سبب غربت جي لڪير کان ھيٺ واري زندگي گذارڻ کان بيزار ٿي لڏپلاڻ ڪري رھي آھي ، ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي جدوجھد کان روڪڻ کان انھن کنٻي گم ٿو ڪيو وڃي، ھنن چيو ته نه رڳو سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن آزاد ڪيا وڃن پر قومي ڪارڪنن تان ڪوڙا ڪيس به ختم ڪيا وڃن