سي ويءَ ۾ غلط بياني، بچاءُ واري وزير پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

رومانيا جو بچاءُ واري وزير سي وي ۾ غلط بياني سبب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
پرڏيهي خبرن موجب، رومانيا جي بچاءُ واري وزير آيونٽ موستِينو سي وي ۾ غلط ڄاڻ ڏيڻ واري تڪرار کانپوءِ جمعي ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
بچاءُ واري وزير پنهنجي فيسبڪ پوسٽ ۾ چيو ته سي وي ۾ غلطي سبب اهڙي يونيورسٽي جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ هو ڪڏهن ويو ئي ناهي.
سندس چوڻ هو ته ”مان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهيان، چاهيان ٿو ته رومانيا جو ڌيان پنهنجي ڏکئي مشن تي کتل رهي.“
استعيفيٰ ڏيندڙ وزير جو چوڻ هو رومانيا ۽ يورپ روسي حملن جي خطري جي نشاني تي آهن ۽ رومانيا جي قومي سلامتي جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ گهرجي.
ياد رهي ته رومانيا جي بچاءُ واري وزير جي سي وي ۾ ڪوڙ لکڻ تي پيدا ٿيل تڪرار سندس استعيفيٰ سان پڄاڻي تي پهتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.