اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي واشنگٽن ڊي سي ۾ فائرنگ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جن حملن جو شڪار ٿيو انهن جا پيرا واضح طور تي افغانستان ڏانهن وڃن ٿا.
هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته واشنگٽن ڊي سي ۾ فائرنگ ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجي سان دلي همدردي جو اظهار ڪيون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.
هن چيو ته مخصوص هدف تي حملو آمريڪي سرزمين تي هڪ سنگين دهشتگردي جي واردات آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جي اڻ ڳڻين واقعن کي منهن ڏئي رهيو آهي، واشنگٽن وارو واقعو عالمي سطح تي دهشتگردي جي پريشان ڪندڙ واپسي کي ظاهر ڪري ٿو، عالمي برادري کي دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ گهرجي.
ترجمان تاجڪستان ۾ ٽن چيني شهرين جي قتل جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته افغانستان کي پنهنجي سرزمين تان علائقي ۾ دهشتگردي روڪي، جڏهن ته پاڪستان مسئلن جي پرامن حل جو حامي آهي.
طاهر اندرابي ڀارت سان لاڳاپيل بيانن تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ بابت ڀارتي بيان خيالي پلاءُ آهي ۽ پاڪستان پنهنجي دفاع تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو.
هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري ڀارتي جبر، قيد، تشدد ۽ ظلم شڪار آهن ۽ پاڪستان ڀارت سان مسئلن جو ڳالهه ٻولهه ذريعي پرامن حل جو حامي آهي.
سندس چوڻ هوته گڏيل قومن جي ماهرن جي تازي رپورٽ ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ کي وائکو ڪيو ويو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2800 ڪشميري ڀارتي قيد ۾ آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيل جي فلسطيني علائقن، خاص طور تي غزا تي حملن جي به مذمت ڪري ٿو، جن ۾ ڪيئي عام ماڻهو، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا.
You might also like