پيوٽن، مودي جي دعوت قبول ڪري ورتي، ڀارتي دوري جو شيڊيول پڌرو

ماسڪو/نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چئن سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڀارت جو دورو ڪندو، هو هلندڙ سال 4 ڊسمبر تي نئين دهلي پهچندو.
ڀارتي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم نريندر مودي جي دعوت تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن چار ۽ پنج ڊسمبر تي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڀارت ايندو ۽ هو 23هين ڀارت-روس سالياني سربراهي اجلاس ۾ شرڪت پڻ ڪندو.
رپورٽن موجب، دوري دوران صدر پيوٽن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ صدر دروپدي مرمو سان ملاقات ڪندو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته روسي صدر جو اِهو دورو ڀارت ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ ۽ اسٽريٽيجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو، ان کانسواءِ ملاقات عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويندو.
ياد رهي ته صدر پيوٽن پهريون ڀيرو 2021ع ۾ ڀارت جو سرڪاري دورو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.