ايشز سيريز: ٻي ٽيسٽ لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان، سمٿ ئي ڪپتان

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽيم جي قيادت اسٽيو سمٿ ئي ڪندو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، انگلينڊ خلاف برسبين ٽيسٽ لاءِ اسڪواڊ ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي ۽ پيٽ ڪمنز کي مڪمل فٽنيس لاءِ وڌيڪ ٻه هفتا ڏنا ويا آهن.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته پيٽ ڪمنز اسڪواڊ سان گڏ برسبين ۾ موجود رهندو ۽ تياريون جاري رکندو، عثمان خواجا اسڪواڊ ۾ برقرار رهندو ۽ کيس ٽيسٽ کان اڳ فٽنيس ثابت ڪرڻي پوندي.
واضح رهي ته آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ايشز سيريز جي ٻي ڊي نائيٽ ٽيسٽ چار ڊسمبر کان شروع ٿيندي، جڏهن ته پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي اٺ وڪيٽن سان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.