اسلام آباد(شڪيل ملڪ)چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحِر شمشاد مرزا پنهنجو ٽن سالن وارو مدو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ رٽائر ٿي چڪو آهي، ۽ ساڳئي وقت اهو عهدو پڻ ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته چيف آف ڊفينس فورسز، ۽ فيلڊ مارشل آرمي چيف جنرل عاصم منير صبح جو پنهنجي نئين ذميواريون سنڀالڻ وارا آهن، ۽ ساڳئي وقت هن جو پنج سالن جو مدو پڻ شروع ٿي رهيو آهي۔ فيلڊ مارشل جي نئين مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ ڪجھ ڪلاڪن ۾ باضابطه اعلان ٿي ويندو،ٻئي پاسي ساحِر شمشاد مرزا هڪ بهترين سولجر، انتهائي پروفيشنل ۽ ايماندار انسان هو، هن جي سڄي زندگي ۾ يونيفارم تي ڪو داغ نه لڳو، ۽ جڏهن ادارن خلاف بغاوت جي خطرناڪ سازش تيار ڪئي وئي، ته اها ناڪام ڪرڻ جو ڪم به هن ئي ڪيو۔،9 مئي 2023 جي سازش وقت آرمي چيف عاصم منير ان وقت پاڪستان ۾ موجود نه هو هو غير ملڪي دورن تي هو پر ساحر شمشاد مرزا انتهائي دانشمندي سان ان سازش کي ڪنٽرول ڪيو،جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جي مختصر جنگ دوران به سااحِر شمشاد مرزا اهم ڪمانڊ ڪئي۔هن يقيني بڻايو ته فوج ۽ آرمي جي گڏيل حڪمت عملي سان صورتحال ڪنٽرول ۾ رهي۔