راولپنڊي (م ڊ) خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملڻ لاءِ اڊيالا روڊ تي پهتو، جتي پوليس جي هڪ وڏي نفري کيس فيڪٽري چيڪ پوائنٽ تي روڪيو، جنهن تي هن اتي ڌرڻو هنيو. وڏي وزير چيو ته مان اٺون ڀيرو عزت سان آيو آهيان، توهان مون کي ڇو نه ٿا ملڻ ڏيو؟ مون کي لکت ۾ ٻڌايو ته توهان عدالت جي حڪمن تي عمل ڇو نه ٿا ڪريو؟ هن چيو ته هتي حالتون زبردستي خراب ڪيون پيون وڃن، عدالتي حڪمن تي بار بار عمل ڇو نه ڪيو پيو وڃي، هڪ صوبي سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن لکين ماڻهن جو نمائندو هتي اچي ۽ روڪيو وڃي ته اهو سٺو ناهي، سڀاڻي اهو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ٿيندو، ڇا توهان کي پسند ايندو؟ وڏي وزير چيو ته توهان ماڻهو نفرت ۽ ڪاوڙ وڌائي رهيا آهيو، هي نفرت ۽ ڪاوڙ پاڪستان لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان آخري حل تي به غور ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مون ڪنهن سان به ڳالهائڻ بابت ڪجهه نه چيو آهي ڇاڪاڻ ته انهن وٽ مينڊيٽ ناهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ حڪومت خلاف چارج شيٽ پيش ڪئي آهي. مان اين ايف سي بابت اجلاس ۾ پنهنجي صوبي جو ڪيس وڙهندس.