اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي (اي پي پي) جي چيئرمين شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جن ماڻهن ترميمن جي حق ۾ ووٽ ڏنا آهن، ڇا انهن کي احساس آهي ته انهن جو ملڪ تي ڇا اثر پوندو؟ انهن ترميمن مان ملڪ ۽ عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، اهو ٻڌايو وڃي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيڪو پاڪستان ۽ آئين جي ڳالهه ڪندو، اسين ان سان ڳالهائينداسين۔ حڪومت نه اصلاحات ڪري سگهي ۽ نه ئي گورننس کي بهتر بڻائي سگهي، حڪومت ڪرپشن کي ڇو نٿي روڪي سگهي؟هن چيو ته هڪ ارب رپيا روزانو عوام جي کيسي مان نڪري شگر مل مالڪن جي کيسي ۾ پيو وڃي،، هن چيو ته ماضي ۾ چونڊون چوري ٿينديون هيون، سو اڄ اهڙو نه ٿيڻ گهرجي۔ احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي۔هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نواز شريف هڪ سياسي اڳواڻ آهن، اهو سندن حق آهي ته جيڪو بيان ڏين۔ نواز شريف حڪومت ۾ آهن، احتساب انهن جي هٿ ۾ آهي