اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)تجزئي نگار سلمان غني ٽوئيٽ ڪيو آهي ته نواز شريف جي اصل ڪاوڙ ڪجهه ججن تي آهي، جن جون آڊيوز به هن وٽ موجود آهن،هو چوندو نظر اچي ٿو ته اصل سهولتڪار اهي هئا، جن هڪ ”لاڏلي“ کي اقتدار تائين پهچائڻ لاءِ هلندڙ پاڪستان کي پٽڙي تان هيٺ لاٿو.ڇا اهي قابلِ گرفت ناهن؟انهن جو ڪم انصاف مهيا ڪرڻ هو يا سياست ڪرڻ؟انهن کي جوابده بڻائڻ لازمي آهي،جنهن تي صحافي اسد طور ٽوئيٽ ڪيو ته سلمان غني ٻڌائي رهيو آهي ته نوازشريف هاڻي جنرلن تي ڪاوڙ ڪرڻ جي به قابل ناهي رهيو،رڳو ججن تي ڪاوڙ ڪڍي رهيو آهي،هن چيو ته 2020ع تائين حاضر سروس آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو نالو وٺندو هو ۽ اڄ رڳو ججن تي ڪاوڙ،ڪيوٽ ٻئي پاسي سينئر صحافي مظهر عباس ٽوئيٽ ڪيو ته مون کي شڪ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اها صلاح به مڪمل طور سپورٽ نه ڪئي ته جيڪي ماڻهو هو سمجهن ٿو "پراجيڪٽ عمران خان” جي پٺيان آهن، انهن کي جوابده بڻايو وڃي، هن لکيو ته گذريل ڏينهن جيو نيوز جي مارننگ شو ۾،مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار، رانا ثناالله، نواز شريف جي بيان بابت پڇڻ تي دلچسپ ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته بهتر آهي ته اسان ترقياتي منصوبن تي ڌيان ڏيون ۽ ماڻهن کي رليف فراهم ڪريون.