اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان جي دور جي تباهي جا ذميوار ماڻهو هاڻي پنهنجي انجام تائين پهچندا، جڏهن ته اسان جي ترجيح هن وقت ملڪ کي سنڀالڻ آهي،پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيترين ئي ڪوششون باوجود انهن 4 سالن جي تباهي ختم نٿي ٿئي،ان سموري تباهي جي ذميوار ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ آهي،هن وڌيڪ چيو ته جنرل فيض حميد جو ٽرائل هلي رهيو آهي، اهي سڀئي چهرا پاڻ ئي انجام کي پهچندا۔ مسلم ليگ ن جون ترجيحون انهن کي انجام تائين پهچائڻ نه آهن، اسان جو مقصد ملڪ کي سنڀالڻ، ترقي ڏيارڻ ۽ عام ماڻهو کي سهولتون مهيا ڪرڻ آهي،هن چيو ته معرڪي ۾ ڪاميابي کان پوءِ دنيا ۾ پاڪستان جي عزت وڌي آهي۔ معيشت بهتر ٿي رهي آهي، پر اڃا مڪمل بهتر ناهي ٿي۔ اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان اهڙو ملڪ بڻجي، جيڪو پنهنجي معاشي مسئلن تي قابو حاصل ڪري ۽ ترقي ڪري۔هن چيو ته آءِ ايم ايف جي ڪرپشن بابت رپورٽ جي ڪا اهميت ناهي، موجوده حڪومت يا اڳوڻي پي ڊي ايم حڪومت ۾ ڪو به اسڪينڊل سامهون ناهي آيو، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪرپشن جو ثبوت آهي ته سامهون آندو وڃي،راڻا ثناءُالله چيو ته ڀارت پنهنجي ڪارروائي افغانستان جي ذريعي هلائي رهيو آهي، ڀارت هاڻي سڌي طرح پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي۔ ڀارت افغانستان کي فنڊ ڏئي گمراهه ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اسان افغانستان تي ڪا به جنگ مڙهڻ نٿا چاهيون۔هن چيو ته اپوزيشن ليڊر جي مقرري حڪومت نه پر اسپيڪر ڪندو،موجوده حڪومت پنهنجي اتحادي پارٽين سان گڏ پنهنجو مدو پورو ڪندي۔ پيپلزپارٽي سان اسان جا لاڳاپا سٺا آهن ۽ پيپلزپارٽي اسان سان گڏ آهي۔ گورنر سنڌ جي مقرري بابت صلاح مشورا ٿي چڪا آهن، ۽ پيپلزپارٽي جا تحفظات ختم ڪيا پيا وڃن،هن چيو ته ڀارتي ميڊيا باني پي ٽي آءِ بابت بي بنياد خبرون پيو هلائي۔ عمران خان مڪمل طور تي صحتياب آهن، ايڪسرسائز به ڪري ٿو، جيل ۾ باني پي ٽي آءِ کي مڪمل سهولتون ڏنيون پيون وڃن، ۽ ان تي اسان کي ڪو اعتراض نه آهي۔هن چيو ته جيڪڏهن جيل ۾ ويهي ڪو قيدي اسلام آباد تي چڙهائي جا منصوبا ٺاهي، ته اهڙي حالت ۾ ملاقاتون ڪيئن ڪرايون؟ ان جون مثالون اڳ به موجود آهن۔ اسلام آباد تي حملو ڪيو ويو۔ ڪهڙو قانون اجازت ڏئي ٿو ته جيل مان ويهي ملڪ خلاف تحريڪ هلائي وڃي؟ باني پي ٽي آءِ کي ڪنهن ٻي جيل ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪا تجويز ناهي۔