سنڌ سرڪار پاران ايندڙ مالي سال لاءِ 1.018 کرب رپين جي ترقياتي بجيٽ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن صوبائي ترقياتي پورٽ فوليو 2025-26 جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ 1.018 ٽريلين رپين جي رڪارڊ  ترقياتي بجيٽ جو اعلان ڪيو۔ هن رڪارڊ رقم مان وڏي رقم 85.5 ارب رپيا، مڪاني حڪومت کاتي هيٺ ڪراچي جي وڏن ترقياتي منصوبن لاءِ رکيا ويا آهن جن ۾ پاڻي ۽ نيڪال جي اهم اسڪيمون شامل آهن جيئن K-IV، KWSSIP-II، حب ڪينال، نوان برساتي نالا، ۽ ٻيون 228 اسڪيمون۔ وڏي وزير چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو انهن منصوبن جي اڳڀرائي جو مسلسل جائزو وٺي ۽ فنڊ وقت سر جاري ڪرائي۔ وڏي وزر چيو ته سنڌ حڪومت موسمياتي لچڪدار، جامع ۽ منصفاڻِي ترقي جي پابند آهي جيڪا عوامي خدمتن کي مضبوط ڪري ٿي، ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿي ۽ پائيدار ترقيءَ جي هدفن (SDGs) ڏانهن اڳڀرائيءَ کي تيز ڪري ٿي۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، اسپيشل سيڪريٽري ناڻو اصغر ميمڻ ۽ ٻينآفيسرن شرڪت ڪئي۔ ترقياتي حڪمتِ عملي 2025–26: مراد علي شاهه چيو ته صوبائي ترقياتي حڪمت عملي جو مرڪز موسمياتي لچڪدار انفراسٽرڪچر جي تعمير آهي جنهن ۾ عمارتون، روڊ، ۽ رهائش شامل آهن، ٻوڏ متاثر تعليمي ۽ صحت جي سهولتن جي بحالي؛ زرعي قدر ۾ اضافي لاءِ ويليو چين کي مضبوط ڪرڻ ۽ موسمياتي موافقت رکندڙ طريقن کي هٿي ڏيڻ؛ زرعي، صنعتي ۽ شهري استعمال لاءِ آبپاشي ۽ پاڻي جي بچت واري نظام جي بهتري؛ محفوظ پيئڻ جي پاڻي ۽ جديد نيڪال خدمتن جو فروغ؛ ۽ شهرن ۽ ڳوٺن جي وچ ۾ رابطن جي سڌارڻ شامل آهن۔ هن وڌيڪ چيو شهري مرڪزن لاءِ ماس ٽرانزٽ سسٽم جي ترقي، سماجي تحفظ ۽ غربت ۾ گهٽتائيءَ جي پروگرامز جو فروغ ۽ SDGs سان هم آهنگ جامع ترقي اسان جون اهم ترجيحون آهن. ADP 2025–26 ۾ رقمون: اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اهم شعبن ۾ پاڻي، صفائي (WASH) ۽ ميونسپل خدمتون شامل آهن۔ PHED جون 293 اسڪيمون 85.5 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي جا اهم منصوبا جهڙوڪ K-IV، KWSSIP-II، حب ڪينال، نوان برساتي نالا، ۽ بلديات کاتي جون 228 اسڪيمون شامل آهن۔ SPHF ذريعي 5100 ٻهارن لاءِ WASH سهولتون پڻ شامل آهن۔ روڊن جو انفراسٽرڪچر: اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي هيٺ 620 روڊن جا منصوبا جاري آهن۔ ڪراچي ۾ اهم منصوبا ڪورنگي ڪاز وي برج، نوان انڊرپاس، لياقت آباد ٽرانسفارميشن پيڪيج ۽ CLICK پروگرام تحت اپ گريڊ شامل آهن۔ سنڌ فلڊ ايمرجنسي بحالي منصوبي تحت 970 ڪلوميٽر روڊن جي بحالي پڻ جاري آهي۔ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ: بي آر ٽي ريڊ لائين ۽ يلو لائين جي تعمير، انٽرا سٽي بسن کي وڌائڻ ۽ عورتن لاءِ وڌيڪ برقي بائيڪون شامل آهن۔ وڏي وزير صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل ميمڻ کي وڌيڪ برقي بسون ۽ بائيڪون مهيا ڪرڻ لاءِ سمري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔ توانائي: سيڪريٽري ناڻي وڏي وزير کي ٻڌايو ته سنڌ سولر انرجي پراجڪٽ ۽ مختلف سولر هوم سسٽم پروگرامز لاءِ گهربل فنڊ جاري ڪيا ويا آهن۔ هي اسڪيم Special Initiative for Renewable Energy (25 ارب رپيا) هيٺ شروع ڪئي وئي آهي۔ سماجي شعبي جا منصوبا: وڏي وزير 86 ارب رپين جي سنڌ اسڪول ريهيبيليٽيشن منصوبي جو جائزو ورتو۔ DHQ/THQ اسپتالن ۽ ٽراما سينٽرن کي وڌائڻ، وومين يونيورسٽي سکر، ميڊيڪل ڪاليجن ۽ نيون صحت سهولتون قائم ڪرڻ جا منصوبا پڻ پيش ڪيا ويا۔ تعليم ۾ سڌارن ۽ ابتدائي سکيا جا قدم به پيش ڪيا ويا۔ وڏي وزير چيو ته هو جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ دورا ڪندو ته جيئن رفتار ۽ معيار کي يقيني بڻائي سگهجي۔ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ SPHF جي پيش رفت: وڏي وزير دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ تعميراتي پروگرام سنڌ پيپس هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (SPHF) جي ترقي جو جائزو ورتو۔ ٻڌايو ويو ته 20 لک تصديقون مڪمل ٿي چڪيون آهن، 15 لک بينڪ اڪائونٽ کلي چڪا آهن، 14 لک رقمون جاري ٿي چڪيون آهن، ۽ 10 لک گهرن جا ٿنڀا ٺهي چڪا آهن۔ 6.5 لک گهر مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن۔ مراد شاهه ٻڌايو ته هي منصوبو 10 لک روزگار پيدا ڪندو، 9 لک عورتن کي زمين جي مالڪي جا حق ملندا ۽ لڳ ڀڳ 20 لک متاثرن کي مالي شموليت حاصل ٿيندي۔ غير ملڪي امداد سان هلندڙ ترقياتي پورٽ فوليو: سنڌ ۾ 1.55 ارب ڊالر جا ترقياتي منصوبا جاري آهن جيڪي عالمي بئنڪ، ADB، AIIB، IsDB، IFAD، JICA ۽ ٻين ساٿين جي سهڪار سان مڪمل ٿي رهيا آهن۔ انهن منصوبن ۾ ڳوٺن جي روڊن ۽ آبپاشيءَ جي بحالي، ننڍن ڊيمن جي تعمير، تعليم جي نظام ۾ سڌارا، زرعي ترقي، صحت ۽ آباديءَ جون خدمتون، سماجي تحفظ ۽ سيلاب متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي شامل آهن۔ جاري ۽ ايندڙ منصوبا: وڏي وزير گھوٽڪي–ڪنڌڪوٽ پل، شاهراههِ ڀٽو ايڪسپريس، ڌابيجي انڊسٽريل زون، ماربل سٽي، پيپلز گرين ٽرانسپورٽ، ريوَرائن فارسٽيشن، پورٽ کان قيوم آباد ڪوريڊور، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس، انڊسٽريل انڪليوز ۽ ميڪينائيزيشن منصوبن جو جائزو ورتو۔ ڪاربان فنانسنگ ۽ ڊيلٽا بليو ڪاربان پراجڪٽ: چيف سيڪريٽري وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڊيلٽا بليو ڪاربان (DBC) منصوبو درياءِ سنڌ جي ڊيلٽا جي 225000 هيڪٽر رقبن تي پکڙيل آهي۔ منصوبن جا اهم نتيجا 127 ملين ٽن امڪاني اخراج ۾ گهٽتائي، 2021 تائين 3.1 ملين ويري فائيڊ ڪريڊٽس جي پيداوار ۽ 14.7 ملين ڊالر سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيڻ شامل آهن۔ وڏي وزير ٻڌايو ته هي منصوبو سالياني 15 کان 20 ملين ڊالر آمدني پيدا ڪندو۔ آخر ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه عھد ڪيو ته 2025–26 جو ترقياتي ايجنڊو سنڌ جي سمورن شهرين لاءِ لچڪ، خوشحالي ۽ منصفاڻا موقعا يقيني بڻائيندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.