اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)ڪابينا جي اڳوڻي سيڪريٽري احمد نواز سکيرا چيو آهي ته سرڪاري ادارن جو خسارو 700 ارب رپين کان به وڌيڪ آهي،شڪر آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو ٻڌي رهيا آهيون،ڊسڪوز جو ڪجهه به نه پيو ٿئي،ڪڏهن ٻڌون ٿا ته صوبن کي ڏئي رهيا آهن ڪڏهن چون ٿا ته نجڪاري ڪنداسين،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت کي خسارن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو،ٽيڪس روينيو 105 سيڪڙو وڌائڻ سان ڪاروبار ۽ پگهاردار طبقو متاثر ٿي رهيو آهي،هن چيو ته حڪومت جا خرچ گهٽ نه پيا ٿين،ڪاروبار ٻاهر وڃي رهيو آهي،ماڻهو ٻاهرين ملڪ وڃي رهيا آهن،انهن کي اميد ڏيڻي پوندي،ڪڏهن توهان چئو ٿا ته نوان صوبا پيا ٺاهيون،ڪڏهن چئو ٿا ته مڪاني نظام کي بااختيار بڻائڻو آهي،پهرين نظام بابت واضح ته ٿيو،هن چيو ته هن وقت ترميمن جو موسم آهي ان کانپوءِ ڪاموراشاهي کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو