دوشنبي (ويب ڊيسڪ) افغانستان مان تاجڪستان جي سرحد تي ڊرون حملي ۾ ٽي چيني شهري مارجي ويا.
تاجڪ اختيارين موجب 26 نومبر جي رات افغانستان مان تاجڪستان جي سرحد تي ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 3 چيني شهري مارجي ويا.
تاجڪ پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان مان تاجڪستان جي ڏکڻ ۾ هڪ چيني ڪمپني تي ڊرون حملو ڪيو ويو.
تاڪ پرڏيهي وزارت چيو ته افغانستان مان ٿيندڙ حملي ۾ مارجي ويل چيني ڪمپني جا ملازم هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب افغان عسڪريت پسند تاجڪستان جي سرحد سان جابلو علائقن ۾ سرگرم آهن.
You might also like