پاڪستانين لاءِ ويزائن جي بندش جي خبرن تي اماراتي قونصل جنرل جو ردعمل اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي ڪراچي ۾ قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته يو اي اي پاڪستانين کي ويزائون جاري نه پيو ڪري.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بخيت عتيق الروميتي چيو ته پاڪستانين لاءِ يو اي اي جون ويزائون جاري ڪرڻ جي حوالي سان اسان وٽ گذريل ٽن سالن ۾ ايتري رش نه ڏٺي وئي، جيتري اڄڪلهه يو اي اي ڪراچي قونصليٽ ۾ آهي.
هن ٻڌايو ته هر قسم جي ويزائن جي حوالي سان ڪراچي قونصليٽ جي ويزا سيڪشن ۾ وڏي رش آهي، جڏهن ته ويزا جي بندش جي حوالي سان اطلاع غلط آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه نوعيت جون ويزائون جاري ڪرڻ جي حوالي سان اڳواٽ تاريخ وٺڻي پوندي آهي، جيڪا هڪ مهيني کان وڌي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.