اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ يونيورسٽينز ۾ بي پي ايس استادن جي ترقيءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ايڇ اي سي کي ايندڙ ٻڌڻي تي استادن جي پروموشن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالت حڪم ڏنو ته ايڇ اي سي چيئرمين جي مقرري جي 15 ڏينهن اندر پروموشن پاليسي جو اجلاس سڏائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪيانيءَ اهم رمارڪس ڏيندي چيو ته” اسان 80 واري ڏهاڪي جي نسل مان آهيون، جن ڊڪٽيٽر شپ دوران هوش سنڀاليو، هتي اهڙا استاد به آهن جن کي 17-18 سال کان مستقل ناهي ڪيو ويو.“
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ” جڏهن ته استاد پاڻ مايوس ٿيندا ته ان جو اثر شاگردن تي به پوندو، استادن ۽ شاگرد ٻنهي کي ملڪ جو دفاع ڪرڻو آهي، اها ڳالهه هاڻي شايد سمجهه ۾ نه اچي، پر ڏکئي وقت ۾ خبر پوندي.“
محسن اختر وڌيڪ چيو ته ”يونيورسٽي جا شاگرد ئي اڳتي هلي ڪمانڊ سنڀاليندا، ملڪ جي دفاع جي هڪ بهترين مثال ويجهڙائي ۾ نظر آئي آهي، استادن کي سٺي جاءِ تي هئڻ گهرجي، هاڻي ته ججز به ناهن رهيا، رڳو استاد ئي آهن.
عدالت ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ايڇ اي سي کي ايندڙ ٻڌڻي تي استادن جي پروموشن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي