ڪراچيءَ ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران تيز هوائون گهلڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي..
موسميات کاتي موجب، ايندڙ ٽن ڏينهن دوران اتر اوڀر کان ويهه کان پنجويهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان خشڪ هوائون گهلنديون، جنهن دوران موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 16 ۽ وڌ ۾ وڌ 28 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڏينهن جو موسم ٿڌي ۽ رات جو شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙو پئجي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.