ايشز سيريز: آءِ سي سي پرٿ ٽيسٽ واري پِچ کي ” ويري گُڊ“ قرار ڏئي ڇڏيو!

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ تاريخي ايشز سيريز دوران ٻن ڏينهن اندر ختم ٿيندڙ پرٿ ٽيسٽ ميچ واري پِچ کي ڪلين چٽ ملي وئي.
ايشز جي 137 سالن جي تاريخ ۾ پرٿ ٽيسٽ سڀ کان تڪڙي ختم ٿيندڙ ميچ هئي، جنهن جي پهرين ڏينهن 19 وڪيٽون ڪري پيون هيون.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، پرٿ اسٽيڊيم واري پَچ کي باظابطا طور انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) طرفان ”ويري گُڊ“ قرار ڏنو ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ هو ته آءِ سي سي طرفان چئن درجن واري پچ ريٽنگ ۾ ”ويري گُڊ“ سڀ کان مٿانهين درجي واري پَچ کي قرار ڏنو ويندو آهي.
واضح رهي ته پرٿ ٽيسٽ ميچ ۾ مچل اسٽارڪ 10 وڪيٽون ورتيون هيون، جڏهن ته آسٽريليا ٽريوس هيڊ جي جارحاڻي 123 رنسن جي مدد سان انگلينڊ کي اٺ وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.